حق اثبات

حق اثبات

حق اثبات

حق اثبات (ڪتاب): هيءُ سنڌ جي اهل الله صوفي بزرگ ’جانڻ چن صادق علي‘ جي ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو ياور علي ڪاظميءَ ۽ محبت عليءَ ترتيب ڏنو آهي. هيءُ مجموعو جانڻ چن ادبي مرڪز حيدرآباد ڇپرايو آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو اپريل 2008ع ۾ ڇپيو آهي. ان جو پهريون ڇاپو 1997ع ۾ منظر عام تي آيو. هن ڪتاب ۾ صوفي فقير جانڻ چن جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندس يادگار تصويرن جو البم به شامل آهي. ڪتاب ۾جانڻ چن جو سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪلام شامل آهي. صوفي جانڻ چن مجذوب ۽ صوفي بزرگ هو، سندس ڪلام ۾ حقيقت جون رمزون سرمستيءَ جي عالم ۾ بيان ڪيل نظر اچن ٿيون. هن مجموعي ۾ فقير جانڻ چن جي شاعري اعليٰ پايي جي محسوس ٿئي ٿي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي صوفي فقير جانڻ ۽ ڪتاب جي مرتب جو تعارف ڏنل آهي. 283 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
حق الشفاء (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مولوي عبدالحق ربانيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 66 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 3 آنا آهي. ڇاپو پهريون، مولوي ميان احمد عباسي، ليٿو پريس ڪراچيءَ مان سال 1933ع ۾ ڇپايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو